سومرو غلام قادر

سومرو غلام قادر

غلام قادر سومرو

غلام قادر سومرو: نامور محقق، اديب ۽ تعليمدان غلام قادر ولد نبي بخش سومرو، 15 فيبروري 1933ع تي ڳوٺ ڏيٿا، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. 1950ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ بي. اي 1955ع ۾، بي. ٽي 1957ع ۾، ايم. اي 1960ع ۾، ايل. ايل. بي 1967ع ۾ ڪيائين. غلام قادر سومري علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ هيٺ 1988ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. غلام قادر سومري زندگيءَ جو وڏو حصو تعليم جي شعبي ۾ گذاريو. 1957ع کان 1981ع تائين مختلف اسڪولن ۾ هيڊماستر، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو پرنسپال رهيو ۽ سڄي ڄمار تعليمي، علمي ۽ ادبي خدمتون جاري رکيائين. بهترين اديب، مترجم، لسانيات جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هو. هن ادبي کيتر ۾ پير پائي 1955ع کان باقائدي لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس لکيل پهريون مضمون ’سيد الشهداءِ‘ نواءِ وقت اخبار ۾ ڇپيو. ان ساڳيءَ اخبار ۾ ٻين لکندڙن جي تحريرن تي سنڌي ٻوليءَ جي معيار جي حوالي سان اصلاحي تنقيدون لکندو رهيو. 1961ع ۾ رائيڊر هئگرڊ جي مشهور ناول Return of She جو ’سانئڻ‘ نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي رسالي جو جوائنٽ ايڊيٽر به رهيو. 1970ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سان درسي ڪتابن جي ليکڪ ۽ مترجم جي حيثيت سان لاڳاپيل رهيو. هن ڪيترا تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا. هن ڪيترن ئي مڊل اسڪولن کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏياري، تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مختلف موضوعن تي سيمينار، مذاڪره ۽ تقريرون ڪرائڻ سان گڏ رانديون ۽ اسٽيج ڊراما ڪرائيندو هو، جن جا اسڪرپٽ پاڻ لکندو هو. 1963ع ۾ ايبٽ آباد ۾ برٽش ڪائونسل طرفان انگريزي تعليم جي سلسلي ۾ پندرهن ڏينهن واري سيمينار ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري شريڪ ٿيندڙن کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي تعليم ۽ سنڌي ادب متعلق ڄاڻ ڏنائين. پاڻ ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن جو صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ نگران ٿي رهيو. غلام قادر سومري جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) سانئڻ (وائيڊر هيگرڊ جي ناول ‘Return of She’ جو ترجمو: 1961ع)، (2) . . . ۽ ڌوڙيا پئجي ويا (مزاحيه ڪهاڻيون: 1965ع)، (3) سهڻا ٽوهه (1975ع)، (4) ور چڙهي وڃڻ جي پيڙا (آفريڪي ناول Undesirable Elements جو ترجمو، (5) سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت (1996ع)، (6) سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ڪارج (2003ع)، (7) سنگيت آچاريا ماسٽر چندر (2007ع)، (8) سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح (2013ع)، (9) Webster based English to English and Sindhi Dictionary. ڊاڪٽر غلام قادر سومري ڪيترا درسي ڪتاب به لکيا. ان کان سواءِ مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو، جهڙوڪ: اڄ ڪبيون ڳالهيون صفا‘ (روزانه عبرت)، اُبتيون سبتيون ڳالهيون (روزانه آفتاب)، ’سندا ڳالهين ڳچ‘ (روزانه آفتاب ۽ روزانه ڪاوش). سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن: (1) سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ورجاءُ، (2) مترادفات سنڌي، (3) علامه دائودپوٽو: گهڻ پاسائين شخصيت، (4) سنڌي ٻوليءَ ۾ لکت ۽ انشاء جا مسئلا، (5) ڄارين جي ڄائي، (6) سنڌ ۾ ٽپال جو سرشتو. ڊاڪٽر غلام قادر سومري، 9 آڪٽوبر 2005ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.02.15  عيسوي

نامور محقق، اديب ۽ تعليمدان غلام قادر ولد نبي بخش سومرو، 15 فيبروري 1933ع تي ڳوٺ ڏيٿا، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.


2005.10.09  عيسوي

ڊاڪٽر غلام قادر سومري، 9 آڪٽوبر 2005ع ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪشنچند جيٽلي
سيد محمود شاهه بخاري ڊاڪٽر
زيب ڀٽي
اسرار شام
پنهل ڏهر
زرداري ڊاڪٽر محمد لائق
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
عبدالله خان مگسي
عبداللطيف مهر
گنگا رام سمراٽ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون